شہری بھی تنہا ہے، گاؤں والا بھی تنہا ہے

(خالد چانڊيو)

غزل

خالد چانڊيو

شهري به اڪيلو آ، ڳوٺاڻو اڪيلو آ.
هيءَ آفت ويلَ ڏسو، ڪعبو به اڪيلو آ.
ماڻهوءَ سان ڏسو هاڻي ماڻهوءَ جو ملڻ ناهي،
ڀاڪر به اڪيلو آ، بوسو به اڪيلو آ.
اوڏو نه ٿجي هاڻي، پَرتي کان ڪريون ڳالهيون،
موجوده حياتيءَ جو، لمحو به اڪيلو آ.
ڪنهن کي به خبر ناهي، تنھائي ۾ ڇا گذريو؟
دُکُ دردُ اڪيلو آ، سُڏڪو به اڪيلو آ.
روزانو نيون ڳالهيون، روزانو حُڪم نوان،
آٿت به اڪيلي آ، اُلڪو به اڪيلو آ.
هَٿَ ساڻُ تباهيءَ جو هٿيارُ هِي ڪنهن ٺاهيو؟
دنيا جو سڄو سارو، نقشو به اڪيلو آ.
مشڪل آ گهڙي ليڪن، پر گُذري وڃڻي آ،
خالد به اڪيلو آ، ڪمرو به اڪيلو آ.

اردو ترجمہ:
شہری بھی تنہا ہے، گاؤں والا بھی تنہا ہے.
آفت کا سماں دیکھو، کعبہ بھی تنہا ہے.
انساں سے انساں کا ملنا بھی نہیں دیکھو،
تنہا ہے بغلگیری، بوسہ بھی تنہا ہے.
قربت کو رہنے دیں، کچھ دور سے بات کریں،
موجودہ حیاتی کا لمحہ بھی تنہا ہے.
کوئی بھی نہ جان سکا، تنہائی میں کیا بیتی،
دکھ درد بھی تنہا ہے، رونا بھی تنہا ہے.
روزانہ نئی باتیں، روزانہ حکم نئے،
دلداری بھی تنہا ہے، چنتا بھی تنہا ہے.
سامان تباہی کا کس ہاتھ تیار ہوا،
دنیا کا مکمل یہ نقشہ بھی تنہا ہے.
مشکل کا سماں لیکن، آیا ہے گذرنے کو،
خالد بھی تنہا ہے، کمرہ بھی تنہا ہے.
——————–

غزل
خالد چانڊيو

هڪڙو آهي علاجُ، تنهائي
ڇا ٿو سوچي سماجُ، تنھائي.
گهر کان ٻاهر وَبائي خوف آهي،
شهر جو ٿِيو رواجُ، تنھائي.
مان ڪتابن جي روبرو آهيان،
۽ ٻيو آهي اناجُ، تنھائي.
رستا ويرانُ، ڪيڏي خاموشي،
وقت آندو آ ڏاجُ، تنھائي.
چُپ چپات آهي چؤطرف پنهنجي،
آهي بدليو مزاجُ، تنھائي.
جنگ ۾ سُرخرو جڏهن ٿيندين،
توکي ڏيندي خراجُ، تنھائي.

اردو ترجمہ:

ایک ہے یہ علاج تنہائی.
سوچتا کیا سماج، تنہائی.
گھر سے باہر وبائی خوف ہے نا،
شہر کا ہوا رواج، تنہائی.
میں کتابوں کے روبرو بیٹھا،
اور یہ ہے اناج، تنہائی.
راستے ویران، کتنی خاموشی،
وقت لایا دہیز، تنہائی.
ہے سناٹا سا چاروں اطراف،
ہے کہ بدلا مزاج، تنہائی.
جنگ میں جب بھی سرخرو ہوگے،
تمہیں دے گی خراج، تنہائی.
——————–

غزل
خالد چانڊيو

اي رب سائين! تنهنجي ماڻهن جو، سنسارُ به پڃري ۾ آهي.
آدم سان، حوا سان، تو وارو، اهو پيارُ به پڃري ۾ آهي.
ٻاهر ته وبا جو خوف رهيو پر اندر بُک ٿي ساھُ ڪڍي،
ڪنهن ٻُڍڙي، جُوان لئه ڇا چئجي، هر ٻارُ به پڃري ۾ آهي.
سنسار جي ماڻهن ترقيءَ لئه بارود تي سيڙپ جامُ ڪئي،
جنهن اسلحي تي ڪئي رِيسَ اُهو، هٿيارُ به پڃري ۾ آهي.
هاسپيٽل، باغَ، ڪُتبخانا، ويران جڳھ جو نالو هِن،
هن ويل جراح هٿين خالي، ڪردارُ به پڃري ۾ آهي.
هر آزاريندڙ مَسند تي ۽ فتویٰ باز کي آزادي،
هر سوچيندڙ، ساڃاهيندڙ، ڪردارُ به پڃري ۾ آهي.
فطرت جو حاڪم هو ماڻهو، جيئن آيس پئي تبديل ڪيئين،
پر هاڻ وبائي موسم ۾، سالارُ به پڃري ۾ آهي.

اردو ترجمہ:

اے ربّ سائيں! تیرے لوگوں کا، سنسار ہے پنجرے میں قیدی.
آدم سے، حوا سے تیرا وہ، سب پیار ہے پنجرے میں قیدی.
باہر تو وبا خوف رہا، یہاں بھوک سے سانس نکلتا ہے،
کسی بوڑھے، جواں کا کیا بولوں بچہ زار ہے پنجرے میں قیدی.
سنسار نے ترقی پانے کو بارود پہ خرچہ خوب کیا،
جس اسلحہ پر تھا رشک انہیں، ہتھیار ہے پنجرے میں قیدی.
ہاسپٹل، باغ، کتب خانہ ویران جگہ کا نام رہا،
اس وقت جراح ہیں خالی ہاتھ، کردار ہے پنجرے میں قیدی.
یہاں ظالم بیٹھا مسند پر، اور فتویٰ باز کو آزادی،
اور سوچنے سمجھنے والا ہر کردار ہے پنجرے میں قیدی.
فطرت کا حاکم تھا انساں، جو چاہا وہ تبدیل کیا،
لیکن یہ وبائی موسم میں، سالار ہے پنجرے میں قیدی.

——————–

غزل
خالد چانڊيو

ڪورونا سان سڄي دنيا جي ماڻهن جنگ جوٽي آ.
سمورا حوصلا ميڙي پتنگن جنگ جوٽي آ.
اجھو هيڏانهن ڏس هي ڊاڪٽر هن پُر عزم بيٺا،
ڪورونا کان نه گهٻرائین، نرسيُن جنگ جوٽي آ.
سموري قوم مشڪل ۾، گهرن ڏي واپسي ڪهڙي؟
وطن لئه جان گهوريندڙ سپاهين، جنگ جوٽي آ.
وَبائون ڇا بگاڙينديون اسان جي همتن جو ڪجهه،
ننڍن ٻارن، پڪن پوڙهن سمورن جنگ جوٽي آ.
ڪورونا مات کائيندي، سماجي فاصلا ٽُٽندا،
ننڍن ڳوٺن، وڏن شهرن، بزارن جنگ جوٽي آ.
متان ڪنهن جو ڪو ٻالڪڙو، ڪٿي مانيءَ جي لاءِ روئي،
اميرو! جهوپڙيءَ وارن، مزورن جنگ جوٽي آ.
وري ملبو، وري کِلبو، وري ڀاڪر ڀري وٺبا،
اسان جي ديس جي جوڌن، سٻاجهن جنگ جوٽي آ.

اردو ترجمہ:

کورونا سے ساری دنیا کے لوگ جنگ میں مصروف ہیں.
اپنا حوصلہ یکجا کر کہ پتنگے جنگ میں مصروف ہیں.
یہاں دیکھو یہ تمام ڈاکٹرس پر عزم کھڑے ہیں،
کورونا سے بے خوف نرسیں جنگ میں مصروف ہیں.
پوری قوم کو مشکل کا سامنا ہے، گھر واپس کیسے جائیں؟
وطن پر جان نثار کرنے والے سپاہی جنگ میں مصروف ہیں.
وبائیں کیا بگاڑیں گی، ہماری ہمتوں کا کچھ،
ننھے بچے، جواں، بوڑھے جنگ میں مصروف ہے.
کورونا ہار جائے گی، سماجی فاصلے ختم ہونگے،
دیہات، بڑے شہر اور بزاریں جنگ میں مصروف ہیں.
کہاں کوئی معصوم سا بچہ کھانے کیلئے نہ روئے،
امیرو! جھونپڑی والے، مزدور جنگ میں مصروف ہیں.
پھر ملینگے، پھر ہنسیں گے، پھر سے گلے لگیں گے،
ہمارے دیس کے جواں مرد، پیار والے لوگ جنگ میں مصروف ہیں.
——————–

نظم
”گذارش“

ايلي اها ڪورونا….
جنهن کي وبا سڏن ٿا،
ڪنهن قهر جهڙي آهي،
بي رحم قاتلن جان،
ساهن تي پنهنجا پَنجا،
پُختا ڇڏي ٿي کوڙي…
ٻچڙن جي ياد ساري
معصوم دلبرن جا
احساس مَن ۾ آڻي
ڪجهه پاڻ لاءِ سوچي
ڪجهه قوم لاءِ سوچي
بي رحم هِن وبا کي
هارائڻو به آهي…
ان لاءِ منهنجي ڌرتيءَ جا
اي نصيب وارا
هن پنهنجي ديس خاطر
اولاد، دوستن لئه
حسناڪ رشتيدارن
۽ پنهنجي پيار خاطر
سنسار جي سُکن لئه…
منهنجي گذارشن تي
گهر ۾ رَهِي سگهو ٿا؟
۽ پوءِ بَچِي سگهو ٿا….

——————–

احتياط لازم هو…
نظم
خالد چانڊيو

بابا!
منهنجون ٽهڪن سان
گهر جون رونقون هونديون…
روز روز رانديڪا
مان نوان وٺي اينديس،
۽ “مما” نوان ڪپڙا
عيد تي وٺي ڏيندي..
هن وَبا جي گذرڻ تي
مان جڏهن پڙهڻ وينديس،
پوءِ وري سهيلين سان
هڪڙي ڊيسڪ تي ويهي
لنچ منجهه برگر ۽
فنگر چپس کائينديس…
رات جو اوهان کي مان
ڪنهن پريءَ جي آکاڻي
ناز سان ٻڌائينديس..
ڇوته اي “پپا” جاني!
مون ۾ تون به ڏاڏيءَ جو
رُوح آهين ڳوليندو…
بابا! منهنجا جانيئڙا!
ڳالهه هڪ ٻُڌائيندين؟
هن وَبائي موسم ۾
بي ڌيانُ ڇاڪان ٿئين؟
منهنجي ٽهڪڙن خاطر،
پنهنجي گهر جي ڀاتين لئه،
ٿورڙو ته سوچين ها…
بابا! هِن ڪرونا کان
احتياط لازم هو…
احتياط لازم هو…

——————–

غزل
خالد چانڊيو

احساسن جو ڦاٽل چولو، ڪيئن هوندو؟
محبت جو پر ٻيو ڪو نالو، ڪيئن هوندو؟
مِٽ مائٽ کان فارغ ويڙھو ڪيئن هوندو؟
تنهنجو منهنجو اوڙو پاڙو، ڪيئن هوندو؟
هٿ جو ٺاهيل لوهي گهوڙو، ڪيئن هوندو؟
تنهن جي هَٿ ۾ رت جو پيالو، ڪيئن هوندو؟
ماضي، حال جي پير جو کڙڪو، ڪيئن هوندو؟
مستقبل ۾ وقت به پوڙهو، ڪيئن هوندو؟
رنگ ۽ روپ کان منظر آجو، ڪيئن هوندو؟
آوازن کي ايندو تالو، ڪيئن هوندو؟
ڪاري سِج جو آخر ڪِرڻو، ڪيئن هوندو؟
وزن وڃايلُ پهڻُ ڪپهه جو، ڪيئن هوندو؟
انسانن کان خالي گولو، ڪيئن هوندو؟
ڪاريگر جي اک جو ڳوڙهو، ڪيئن هوندو؟

——————–

غزل
خالد چانڊيو

اکين سان آٿتون ڏيئي سگهون ٿا.
زباني محبتون ڏيئي سگهون ٿا.
وبا جا ڏينهن چوڌاري هلن ٿا،
پري کان چاهتون ڏيئي سگهون ٿا.
مِلڻ، گڏجي ويهڻ تي پابندي آ،
دعا جون فرحتون ڏيئي سگهون ٿا
وِٿيرائپ جي بس رونق لڳل آ،
خدائي خلوتون ڏيئي سگهون ٿا.
وري رونق اچي جلدي اسان وٽ،
گهڙي کن رعايتون ڏيئي سگهون ٿا.
بُکن جا ۽ ڏُکن جا ڏينهن آهن،
جيئڻ لئه جُرئتون ڏيئي سگهون ٿا.
اسان کي جيئري اڇلي ڇڏيائون،
چيائون: تُربتون ڏيئي سگهون ٿا.
غريبن لاءِ راشنُ، معجزو آ،
وطن کي حسرتون ڏيئي سگهون ٿا.

——————–

غزل
خالد چانڊيو

روزانو هڪ ڪارو سورج اڀري ٿو.
ڏينهن سمورو اونداهيءَ ۾ گذري ٿو.
ڪنهن جا ڪنهن جا نيڻ اڪيلا روئن ٿا،
ڪنهن جو ڪنهن جو ساھُ به هاڻي پڄري ٿو.
تنهائيءَ تي اهڙو ميلو لڳڻو هو،
پڃرو پڃرو نظر نظر ۾ مُرڪي ٿو.
وڻجاريءَ جي وَرَ کي ڪوئي موٽائي،
پيٽ بکيو آ، موت ڳليءَ مان گُذري ٿو.
جنهن جي هٿ کي ڪالھ چيائين پارس ٿي،
ان کان آخر ايڏو ڇاڪان ڇرڪي ٿو؟
ريڊيو کي ڇڏ هاڻي بند ڪري جانان،
ان ۾ ڪوئي گيت نه سهڻو ڌڙڪي ٿو.
جيئرو ماڻهو پنهنجي قبر ۾ جيئي ٿو،
اسرافيل جي ڦُوڪ لئه ويٺو تڙپي ٿو.

——————–

غزل
خالد چانڊيو

وري مُرڪي مِلي وٺبو، مٺا سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.
ڏکِي هر ويل گڏ رهبو، مٺا سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.
ڪرونا وائرس کان اڳ به ڪيئي مرحلا آيا،
سنڀالي قدم هر کڻبو، مٺا سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.
سموري قوم گڏ آهي ته پوءِ الڪو ڪجي ڪهڙو؟
سکن جي اوڏڙو هلبو، مٺا سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.
خُدا خلقيو محبت سان، مٿيرو آ تڏهن آدم،
انهيءَ جي واٽ کي وٺبو، مٺا سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.
سمورو پيارُ ماڻهوءَ سان، سڄو سنسارُ ماڻهوءَ سان،
مٿانهون ماڻهپو رکبو، مٺا سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.
وبائون ڇا ڪنديون اعليٰ، اُتم انسان کي خالد،
خوشي آڻي وري کِلبو، مٺا سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.

——————–

غزل
خالد چانڊيو

جڳ جا والي، جڳ جا مالڪ، پالڻهارَ! ڪٿي آهين؟
ساري دنيا قيد ۾ آهي، اي ڏاتار! ڪٿي آهين؟
سَڏ ٻُڌين ٿو، لُڙڪ ڏسين ٿو، پيٽ ۾ ڍوڍو ئي ناهي،
ماڻهن جا سَڏ وَرنائيندڙ، رب ستار ڪٿي آهين؟
محبوباڻا تنهنجا ماڻا، هر ڀيري اکڙين تي آهن،
هيءَ دُوري هڪ مجبوري آ، ورنہ ڌار ڪٿي آهين؟
ڪاوڙ، رنجَ، رُساما ڪهڙا، ڪابه ميار نه ٿي سونهين،
ليکو چوکو ڪرڻو ناهي، منهنجا يارَ ڪٿي آهين؟
مزدورن جي مزدوري بند، ڪاروبار کي تالا آهن،
مسجد، گرجا، مندر بند آ، خلقڻهار! ڪٿي آهين؟
مسڪينن جو ڏڍ به تون آن، آس به تون ته اميد به تون آن،
ٻاجھه ڀريا او مالڪ رازق، اي جبار! ڪٿي آهين؟
دنيا آهي چار ڏهاڙا، پوءِ به محبت داڙا ڦاڙا،
انسانن جا والي وارث، سرجڻهار ڪٿي آهين؟

——————–

غزل
خالد چانڊيو

پَري کان ديد مِلائڻ ۾ هَرجُ ڪهڙو آ.
مُدافعت کي وَڌائڻ ۾ هرج ڪهڙو آ.
چپن سان، ويجهڙو ٿي سُورَ ٻُڌايا آهن،
اکين سان هاڻ ٻُڌائڻ ۾ هرج ڪهڙو آ.
پُڄي سگهي ته جيئارجي اُميدن سان،
اوهان کي مُرڪ ورهائڻ ۾ هرج ڪهڙو آ.
سِکي وٺون ٿا ته گهر ٻارُ ڪيئن هلندو آ،
گهرن ۾ بند گذارڻ ۾ هرج ڪهڙو آ.
الائي ڇاڪان هُو پرهيز کي ٺٺولن ٿا،
وَبا کان جانِ ڇڏائڻ ۾ هرج ڪهڙو آ.
حياتي لاءِ جي کائون، ته ڪيرُ بُک مَرندو؟
گِرنھُ غريب کي ڏيارڻ ۾ هرج ڪهڙو آ.
پَرائي لُڙڪ کي پنهنجي اکين مان هاريون ٿا،
وفا جو فرض نڀائڻ ۾ هرج ڪهڙو آ.
ڀلي ته بُک آ ڀرم جي، وِڃايون شانُ نه ٿا،
اکين جا لُڙڪ لِڪائڻ ۾ هرج ڪهڙو آ.
نِڀائي وينداسون خالد، وَبا جا ڏينهَن سڀئي،
وري به جوتِ جلائڻ ۾ هرج ڪهڙو آ.

Comments are closed.